انوکا آزمودا

انوکا آزمودا (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ ۾ افسانن ۽ مشاهدن جو ڪتاب، جيڪو پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 1965ع ۾ ڇپيو. ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي. ليکڪ کي هن ڪتاب تي ڀارت جي ساهتيه اڪادمي دهليءَ طرفان انعام به مليو. ڪتاب ۾ 16 افسانا ۽ مشاهدا ڏنل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ٻلديو گاجرا جو مهاڳ لکيل آهي. ڪتاب ۾ شامل افسانن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ايشور (خدا) ۾ اٽل عقيدو ئي انساني ڪاميابيءَ جو راز آهي. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل آهي،


هن صفحي کي شيئر ڪريو